سنڌو لکت ۽ ٻولي

سنڌو لکت ۽ ٻولي

سنڌو لکت ۽ ٻولي

سنڌو لکت ۽ ٻولي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب هندستاني ماهر لسانيات ۽ محقق ايس.آر.راءُ جي 1991ع ڌاري شايع ٿيل هڪ ضخيم ڪتاب ‘Dawn and Devolution of the Indus Civilization’ ۾ سنڌو لکت بابت تحرير ڪيل هڪ باب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو سنڌ جي نامياري مؤرخ ۽ مترجم عطا محمد ڀنڀري ڪيو. هن ڪتاب ۾ سنڌو لکت ۽ ٻولي، ننڍي کنڊ مان لڌل مهرن جو وچور، سنڌو لکت جي ڀاڃ جو مسئلو، سنڌ جي روان لکت جو نشانيون ۽ برهمي لکت، سنڌي ٻوليءَ جي سڃاڻ، سنڌو لکت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اوسر، لفظن جي فعلي بنيادن ۽ 1000 ق.م واري دؤر ۾ سنڌو لکت جي اوسر متعلق تحقيق بعد تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. ان سان گڏوگڏ ڪتاب جي آخر ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم تهن تان لڌل لکتن جي خاڪن جو وچور پڻ ڏنو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ ايس.آر.راءُ، سنڌو لکت بابت پنهنجي تحقيق ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”سنڌو لکت، برهمي ۽ سامي لکت کان گهڻي پراڻي آهي، تنهنڪري اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته برهمي ۽ سامي لکت پنهنجون علامتي نشانيون سنڌو لکت تان ورتيون آهن.“ ان کان سواءِ هن سنڌي ٻوليءَ جو قديم ايراني، لغوي ۽ معنوي لحاظ سان هند آريائي ٻوليءَ سان لاڳاپو پڻ ظاهر ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ ’ٻه اکر‘ نالي سان ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي.
’سنڌو لکت جو مطالعو‘ سلسلي جو هيءُ پهريون ڪتاب، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان سال 1994ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڪچي جلد ۽ 143 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 90 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو